اختلافن باوجود سچ کي قبول ڪرڻ گهرجي -حيات تنيو

پنهنجي سنڌي سماج جو وڏو الميو هي به آهي ته اسان سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کي پنهنجي ذات تائين کڻي ويندا آهيون ۽ پوءِ جيڪو سچ هوندو آهي، ان کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون. اسان فقط پنهنجي ذات ۾ ڦاٿل هوندا آهيون ۽ ٻئي جو پورهيو تسليم ڪرڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهيون. حقيقت هي آهي ته جيڪڏهن اسان ساڙ، حسد ۽ تعصب جا رويا ترڪ ڪريون ته سنڌ کي اڳتي وڌڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو. اسان منجهه جيڪا قيادت موجود آهي ۽ جيڪا ورهين کان اٽل آهي، ان کي اهميت ڏيڻي پوندي، پر جيڪڏهن اسان هڪٻئي تي اجائي ۽ ذاتي نوعيت جي تنقيد ڪندا رهنداسين ته پوءِ اسان اڳتي وڌي نه سگهنداسين.
پاڻ جڏهن موجوده حالتن جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي تجزيو گهٽ ۾ گهٽ به 2018ع جي اليڪشن کان ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي ناقص ڪارڪردگي، عوام دشمن پاليسين، پنھنجا نوازي، بي انتھا ڪرپشن ۽ ٻين کوڙ سارن سبب جي ڪري عام ماڻھن ۾ تمام گهڻي مايوسي، بيزاري ۽ ڪاوڙ جي ھڪ وڏي لھر ڊوڙي رھي ھئي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته پيپلزپارٽيءَ جا اميدوار چڱا ڀلا ڀوتار آزاداڻي نموني پنھنجي ورڪ به نه پيا ڪري سگهن، ھر ھنڌ تي سندن بيڪار ۽ عوام مخالف روين، ٻڙي ڪارڪردگي سبب عوامي ڪاوڙ سان منھن ڏيڻو پئجي رھيو ھو. ملڪ جي ٻنھي وڏين پارٽين پاران مسلسل عوام کي مايوس ڪرڻ سبب ماڻھو ڪنھن ٽئين آپشن بابت غور ڪري رھيا ھئا- جنهن تي سڄي ملڪ ۾ عمل ڪيو ويو، پر سنڌ کي وري به چوکنڀو ڪري ساڳئي آڙاهه ۾ اڇلايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جو عوام 10 ورهين کان سڙي رهيو هو.
عوام جي ان موڊ کي ڏسندي ھن ملڪ جي عوام جي قسمت جا فيصلا ڪندڙ ”اصل ڌڻين“ پنھنجي جادوءَ واري ڇڙيءَ جي ڪمال ۽ جادوگري سان عمران خان جي تحريڪ انصاف کي ٽن صوبائي حڪومتن سميت ايم ڪيو ايم ۽ ڪجھ ٻين ڌرين کي گڏائي وفاقي حڪومت سندن حوالي ڪئي. ملڪ ۾ تمام وڏا ھل ھنگامه ڪري، دھل وڄائي، ناچ گانا ڳائي، جهمريون ھڻندي عمران خان جا استقبال ڪيا ويا، پر ان وقت به اھڙن شور شرابن ۽ ھل ھنگامن جي دوران به ڪي جماعتون، ڌريون ۽ ڪي دور انديش ماڻھو ان ڳڻتي ۽ فڪر جو اظھار ڪري رھيا ھئا ته عمران خان جي حڪومت کان اھي سڀ ڪم ڪرايا ويندا، جيڪي اڳيون حڪومتون چاھيندي به ڪن مجبورين ۽ مصلحتن سبب نه ڪري سگهيون ھيون. اھڙي قسم جا خدشا، خوف ۽ خطرا سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي ڪجھ باشعور ۽ سنجيدہ ماڻھن ۽ قيادتن طرفان ظاھر ڪيا پئي ويا، پر ان وقت نئين پاڪستان جي سحر ۾ ڦاٿل ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڪجھ سمجهڻ جي لاءِ ڪنھن به صورت ۾ تيار نظر نه پيا اچن. تحريڪ انصاف جي 12 مھينن واري حڪومتي وھنوار، ڪارڪردگي ۽ سنڌ دشمني وارين پاليسين کانپوءِ سنڌ جي گهڻ گهرن جا اھي سمورا خدشا سچ ثابت ٿي رھيا آھن. هاڻي ڳالهه ازالي جي آهي ۽ معاملو جان ڇڏائڻ جو آهي، جنهن لاءِ اسان کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ايم ڪيو ايم جي سھڪار سان وفاقي حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ ۽ وزارت عظميٰ جي سڀ کان وڏي عھدي تي ويٺل عمران خان جي تحريڪ انصاف جي حڪومت پھرئين ڏينھن کان ئي سنڌ دشمن قوتن سان گڏ پنھنجون سرگرميون اڳي کان وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون آھن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ سرفھرست ايم ڪيو ايم آھي. ايم ڪيو ايم جي پاليسين، سياست جي طور طريقن، سندن عملن ۽ ڪردار کان نه صرف سنڌ جا ماڻھو، پر پاڪستان ۽ دنيا جا ماڻھو چڱي طرح واقف آھن. ايم ڪيو ايم جي قائم ٿيڻ جي پھرئين ڏينھن کان ئي سندن بنيادي مقصد ۽ پروگرام سنڌ دشمني، سنڌ جي وحدت، وجود ۽ سالميت جي بقا خلاف ھڪ منظم سازش تي مبني آھي، جنھن تي ھو عالمي قوتن جي مدد سان ھر حال ۾ عمل ڪرائڻ چاھين ٿا. اھڙي قسم جي سوچ يا سازش ڪا اڄ جي پيدا ڪيل ناھي، پر ورھاڱي واري وقت ئي يو پي ۽ سي پي سميت ھندستان جي ٻين علائقن مان لڏپلاڻ ڪري آيل پناھگيرن جي ذھنن ۾ اھا ڳالھ ويٺل ھئي يا ويھاري وئي ھئي ته اُھي ئي سڀني کان وڌيڪ مھذب، معزز، معتبر، فضيلت وارا، افضل ۽ اعليٰ آھن. ھنن جي اھڙي تڪبر، وڏائي، غرور ۽ برتريءَ واري منفي سوچ تقريبن مني صدي گذري وڃڻ جي باوجود به تبديل ٿيڻ بدران وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ پڪي ۽ پختي ٿي رھي آھي، جنھنڪري ٽن نسلن جي رھڻ کانپوءِ به ھو سنڌ کي پنھنجو مادرِ وطن سمجهي ۽ قبول ڪري ان جي خمير ۾ شامل ٿي وڃڻ بجاءِ کين ڏينھن رات ٽڪرا ڪرڻ وارين سازشن ۾ مبتلا آھن، جيڪا ھنن جي سڀ کان وڏي بدقسمتي ۽ بدنصيبي آھي ۽ ھنن جي اھا ئي بدقسمتي کين ھڪڙي ڏينھن تباھي ۽ بربادي جي اھڙي ته آڙاھ ۾ ڦٽو ڪندي، جتان سندن ايندڙ نسل به پاڻ بچائي نه سگهندا. هي وقت جاڳڻ جو آهي ۽ اهڙي ڪنهن به صورتحال جو مقابلو ڪري اڳتي وڌڻ جو آهي. ان کانسواءِ ٻي ڪابه واٽ ناهي.
ھونئن ته ايم ڪيو ايم قيام جي پھرئين ڏينھن کان ئي پنھنجي ھر قول، فعل ۽ عمل ۾ ھر وقت سنڌ دشمن رھي آھي، پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ھو مسلسل سنڌ جي وحدت ۽ جاگرافيائي حدن جي بقا خلاف زھر اوڳاڇيندا رھن ٿا. ھِن وقت ايم ڪيو ايم کانسواءِ پي ٽي آءِ ۾ ويٺل غير سنڌي ميمبرن ۽ گورنر سنڌ سميت خود وزيراعظم عمران خان به جڏھن سنڌ ۾ آيو آھي ته ھِن سدائين ”ڪراچي ۽ سنڌ“ جو لفظ استعمال ڪيو آھي، جنھن مان اھو چڱي ريت ظاھر ٿي رھيو آھي ته سنڌ لاءِ ھنن جي نيتن ۾ ڪيترو بغض آھي. ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ائين لاھور ۽ پنجاب، پشاور ۽ خيبر پختونخوا يا ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جو لفظ ڪڏھن به استعمال ناھي ڪيو ويو. ڪجھ ئي ڏينھن اڳ الطاف حسين جي خاص ماڻھو ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي وزير قانون فروغ نسيم آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، جيڪو سنڌ جي ساڃهه وند ماڻھن جي اجتماعي شعور ۽ قومپرست قيادت جي سنجيده ڪردار، خاص طور تي ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي ساڃھه وندن سان ھڪڙي ويھڪ ڪري گڏيل رٿابندي ڪرڻ ۽ ٺوس حڪمت عملي ٺاھڻ کانپوءِ وفاقي سرڪار وقتي طور تي ڪجھ پوئتي ھٽي وئي ھئي، پر مڪمل ان سازش تان ھٿ نه کنيو ھو، تنھنڪري سنڌ جي سمورن ساڃھ وندن، سڄاڻ ڌرين، قلمڪارن، باشعور ماڻھن ۽ قومپرست جماعتن کي ڊگهي مدي واريون حڪمت عمليون جوڙي مُستقل بنيادن تي جدوجھد ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ۽ ان سان گڏ سموري سنڌ ۽ خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي ۾ منظم تنظيم ڪاريءَ لاءِ ھنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ بيحد اڻٽر ۽ ضروري آھن، ڇاڪاڻ ته سگهاري ۽ متحرڪ تنظيم کانسواءِ اسان جا کنيل سمورا قدم ۽ ڪيل سموري جدجھد بي نتيجا ۽ عارضي ثابت ٿي رھي آھي، جنھنڪري سنڌ دشمن قوتون پنھنجين ناپاڪ سازشن ۽ ارادن کان پوئتي ھٽڻ لاءِ ڪنھن به صورت ۾ تيار نظر نٿيون اچن. هڪڙو ئي طريقو آهي ته پاڻ لکن ڪروڙن ۾ گڏجي پاڻ کي سياسي طور منظم ڪريون ۽ ڪا اهڙي تحريڪ هلايون، جيڪا سنڌ جي مخالفن ۽ دشمنن لاءِ منهن ٽوڙ ثابت ٿئي.
ھينئر جڏھن ھڪ ڀيرو وري ايم ڪيو ايم پنھنجي سنڌ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪرائڻ لاءِ ملڪ ۾ وڌيڪ نوان صوبا ٺاھڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ رٿ جمع ڪرائي چڪي آھي ته انھن سمورين ڌرين ۽ جماعتن جي موقف کي تاريخ رد ڪري چڪي آھي، جيڪي ايم ڪيو ايم کي معصوم ۽ سنڌ دوست ثابت ڪرڻ جي ڊيوٽيءَ تي لڳل ھئا، يا اڃا تائين به ڪي پھلوان پنھنجي ڪم کي لڳا پيا آھن. جهڙي ريت اڄ عمران خان کي ايم ڪيو ايم وارا نازڪ ۽ نفيس لڳي رھيا آھن. ساڳي طرح ماضيءَ جي ڪجھ ناليوارن قومپرست پھلوانن کي به هڪ لساني تنظيم کي نازڪ ۽ نفيس، بيگناھ ۽ معصوم نظر ايندا ھئا، ايتري تائين جو ان تنظيم جي عشق ۾ قيد ٽئين دنيا جي مفڪرن ۽ مھا پھلوانن پاران سندن دھشتگردن، ھزارين انسانن جي قاتلن ۽ جيئري جاڳندن ماڻھن کي ساڙيندڙ کي شھيد ۽ مخدوم بلاول سان تشبيھ ڏيڻ جهڙا خطاب به ڏنا ويندا ھئا! اڄ تاريخ اُنھن سڀني جي چھرن کي واضح ۽ چٽو ڪري ڇڏيو آھي، پر ان وقت به ايس ٽي پي پنھنجي اصولي موقف تي ثابت قدميءَ سان قائم رھي، جيڪڏھن ڪجھ وقت لاءِ بلڪل اڻ ڌريو ٿي ۽ حقيقت پسند بڻجي ذاتي پسند ناپسند، رنجشن ۽ سياسي وابسطگين کان مٿانھون ٿي مڪمل طور تي ايمانداراڻي راءِ رکجي ته ترقي پسند پارٽي جو موقف، سندن سياسي حڪمت عمليون ۽ پاليسيون مڪمل طور تي سنڌ دوست، سنڌ جي وسيع تر مفادن ۽ معروضي حالتن مطابق تمام بھترين، وقتائتيون ۽ سدائين حالتن سان ٺھڪندڙ رھيون آھن ۽ ان سچ کان ڪوبه حقيقت پسند ماڻھو انڪار ڪري نٿو سگهي.
ھِن وقت جڏھن ايم ڪيو ايم ھڪ ڀيرو وري کليل نموني سنڌ جي وحدت، بقا ۽ جاگرافيائي حدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي نيت سان قومي اسيمبلي ۾ بل جمع ڪرائي چڪي آھي ته وري به ايس ٽي پي پنھنجي تاريخي ذميواري محسوس ڪندي 26 آڪٽوبر 2019ع کان 03 نومبر تائين ”ڪراچي سنڌ آھي امن مارچ“ جو تاريخي اعلان ڪري ھڪ ذميوار، بردبار ۽ سنجيده قومپرست جماعت ھجڻ جو عملي ثبوت پيش ڪيو آھي. 26 آڪٽوبر کان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان ھزارين سنڌ جا نوجوان پٽ، نياڻيون، پڪا، پوڙھا ۽ بزرگ جڏھن سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي جي روڊن ۽ رستن تي امن مارچ ڪندا ته ان تاريخي عمل سان نه صرف ڪراچي، پر سڄي سنڌ جي ماڻھن ۾ اھو احساس وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿيندو ته ڪراچي سنڌين جي آھي ۽ ”ڪراچي سنڌ آھي“. ھي ڪو پھريون ڀيرو به ناھي جو ايس ٽي پي ڪراچي ۾ ايڏو وڏو تاريخي عمل ڪرڻ لاءِ وڃي رھي آھي. ان کان اڳ ۾ به ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ اپريل 1996ع ۾ 3 ڏينھن ڪراچي ۾ امن مارچ ڪندي انھن علائقن ۾ به امن قافلو ويو، جيڪي علائقا ايم ڪيو ايم جو ڳڙھ سمجهيا ويندا ھئا، جيڪي علائقا عام ماڻھن کانسواءِ پوليس لاءِ به نوگو ايرياز بڻيل ھوندا ھئا. مارچ 1998ع ۾ سکر کان شروع ڪيل پيادل لانگ مارچ 38 ڏينھن پنڌ ڪري ڪراچي ۾ پھچي گورنر ھائوس اڳيان تاريخي جلسو ڪيو. جنوري 2010ع ۾ هڪ لساني تنظيم جي دھشت ۽ ڏاڍ خلاف ايس ٽي پي پاران سنڌ جي قومپرست تاريخ جي سڀ کان وڏي ”ڪراچي سنڌ آھي“ جي نالي سان لکين ماڻھن جي ريلي ڪڍي وئي، ان ريلي کان اڳ ڪراچي ۾ کليل دھشتگردي ڪري روزانو ماڻھو مارڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته جيئن سنڌي ماڻھو خوفزده ٿي ڊڄي وڃن ۽ ڪراچي نه اچن، پر ان ڏينھن تي سمورن خوفن ۽ خطرن جي باوجود لکين غيرتمند سنڌين ڪراچي ۾ گڏ ٿي اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آھي. وري به ساڳيو عمل ورجائڻ جي ضرورت آهي. اسان کي هڪ ڀيرو نه پر هزار ڀيرا اهڙا احتجاج ڪرڻا پوندا، تڏهن ئي وڃي نجات ملندي، باقي ته ڪوبه رستو ناهي.
ڳالهه جدوجهد جي نڪري ٿي ته فيبروري 2014ع به ياد اچي ٿو، جڏهن ايس ٽي پي طرفان ”سنڌ منهنجي امان“ جي نالي سان ڪراچي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا سنڌ جي ويرين لاءِ پريشانيءَ جو باعث بڻي. اهڙي طرح 26 آڪٽوبر کان 03 نومبر واري ”ڪراچي سنڌ آھي امن مارچ“ به لازمن شاندار ۽ تاريخي مارچ ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر قادر مگسي جهڙي بهادر ۽ باصلاحيت اڳواڻ ۾ ايس ٽي پي کي ڪراچي ۾ ڪامياب ريلين ۽ جلسن جو وسيع تجربو ھجڻ سان گڏ ڪراچي ۾ ڪارڪنن ۽ ھمدردن جو ھڪ وڏو حلقو به موجود آھي. امن مارچ کي ڪامياب بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ عوامي شرڪت ڪرائڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ۾ محنت ڪرڻ جي ضرورت آھي، ان لاءِ خود پارٽي سربراھ کي ڪراچي ۾ وڌيڪ توجھ ۽ وقت ڏيڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته موجوده صورتحال ۾ ايس ٽي پي جو ھي تمام وقتائتو ۽ شاندار عمل آھي، جنھن جي ھر سنڌي ماڻھوءَ کي بنا ڪنھن سياسي فرق جي نه صرف حمايت پر شرڪت به ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اسان جيستائين اختلافن جي باوجود حق ۽ سچ کي قبول ڪري ان جي کليل نموني سان حمايت نه ڪنداسين تيستائين اسان هِن مصيبت، مشڪلات ۽ ڌٻڻ مان نڪري نه سگهنداسين. پنهنجي بقا ۽ سلامتي جو هڪڙو ئي رستو آهي ۽ هڪڙو ئي دڳ آهي ته پاڻ سڀ هڪٻئي جو احترام ڪريون. هڪٻئي جو ساٿ ڏيون. ساڙ ۽ حسد کي هٿيار بڻائڻ بدران ايڪي ۽ اتحاد کي پنهنجو هٿيار بڻايون ته دنيا جي ڪابه طاقت سنڌ جي وجود تي وار نه ڪري سگهندي.
Hayattunio786@gmail.com

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …