اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي گاڏيءَ تي فائرنگ ۽ بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد

راولپندي (ڊيسڪ رپورٽ) اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي گاڏيءَ تي فائرنگ ۽ بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب اُتر وزيرستان جي بويا واري علائقي ۾ پاڪ فوج جي گاڏي معمول واري گشت تي هئي ته گاڏيءَ تي فائرنگ ۽ دستي بم سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي عمل شاهه شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب گذريل ڪجهه عرصي کان اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، 5 مهينن ۾ 5 سپاهي شهيد ۽ 31 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. خاڙڪمر چيڪ پوسٽ تي به حملي وارو واقعو دهشتگردن جي سهولتڪارن جي گرفتاري سبب پيش آيو هو.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …

Leave a Reply

Your email address will not be published.