آنگاس تي چڙهيل اڻ موٽ زندگيون

سنڌ جي سموري تاريخي وهڪرن تي نظر ڊوڙائڻ سان ڄاڻ ملي ٿي ته ڪافي اھڙا مرحلا؛ آيا آهن جتي سنڌ پنهنجي وجود جي هاڪاري ۽ ناڪاري صورتحال کي منهن ڏيندي نظر اچي ٿي . پر سنڌ جي گذريل ويهين صديءَ جا آخري پنجويه سال ڪافي ھلچل سان ڀرپور رهيا آهن ۽ سنڌ پنهنجي وجود جي ناڪاري قوتن سان ڀرپور جهيڙيندي گزاريا آهن.
مون زندگيءَ جا گذريل ٽيھ سال سنڌ ترقي پسند پارٽي ان جي قائد ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ان جي سٿ سان انتهائي سرگرم ۽ ليڊر شپ واري ڪردار سان گذاريا آهن ان مرحلي ۾ مونکي سندس شخصيت کي پرکڻ جا اڻ ميا موقعا فراهم ٿيا آهن جن ۾ اهڙا خطرناڪ موڙ جتي ميدان جا ماهر کيڏاري ۽ ڊنگ پهلوان به ميدان ملهائڻ بجاءِ کڙين تي زور رکندا آهن ٻيا اهي مرحلا جتي ماڻهون پاڻ کي فاتح. عقل ڪل. ۽ طاقت جي سمورن سرچشمن جو مالڪ ۽ فاتح سمجهي آپي مان نڪري وڃي.. مون ڊاڪٽر قادر مگسي کي انهن ٻنهي مرحلن دوران هڪ قداور اڳواڻ جي حيثيت ۾ محسوس ڪيو آهي.
عيد ڏهاڙي رات جو يارهين وڳي سندس موڀي پٽ سارنگ مگسي ڦوه جواني ٽيٽيهه سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو عمر جي هن مرحلي تي هڪ حساس دل رکندڙ پيء جي لاءِ نوجوان اولاد جو وڇوڙو ڪيڏو دردناڪ هوندو آهي ان کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. مان سندس موڀي پٽ جي وڇوڙي ويل کان عيد جي ٻئي ڏينهن سندس اباڻي شهر ٺٽو ڏانهن جنازي سان گڏ. جنازي نماز. تدفين. رات تائين ۽ اڄ قاسم آباد سندس رهائش گاهه تي تڏي تي تعزيتون وصول ڪرڻ واري مرحلي تي گڏ رهيو آهيان.
ان سموري درد ڀرين لمحن ۾ منهنجي زندگي جي 42 سالن جي سياسي هلچل جي سموري ڪارگذاري فلم جيان ذهن تي ڊوڙندي رهي 1980 ڊاڪٽر قادر مگسي ايل ايم سي ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ داخل ٿو ٿئي کيس؛ ان وقت سندس چواڻي سياست جي سين جي به خبر نه هئي . هو جوڊو ڪراتي جو ماهر ۽ باڊي بلڊر پاڙهو ڪپڙي لٽي جو شوقين شهري سلجهيل طرز زندگي کان واقف سندس دوستي جو هلڪو به ان مزاج وارو. خواب صرف هڪڙو ته ماهر ڊاڪٽر ٿي پيء ماء ۽ ڪٽنب جو ڀرجهلو بڻجي پر سنڌ ۽ سنڌي قوم ان وقت پنهنجي وجود جي هاڪاري ۽ ناڪاري تاريخ جي ويڙه وڙهي رهي هئي خاص طور تعليمي ادارا جنرل ضياء جي سنڌ دشمن سوچ جي عتاب هيٺ هيا هڪ مخصوص سوچيل منصوبي تحت نيو سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جو وجود وجهي ان کي رياستي آشيرواد سان ايترو طاقتور ٻنايو ويو جو دشمن وٽ ڪو به شڪ نه هو ته سنڌي قوم لاءِ تعليمي سرواڻيويل جو ڪو گس بچو آهي تعليمي ادارن ۾ سنڌين لاءِ نه تعليم محفوظ نه عزت محفوظ نه زندگي محفوظ اهو وقت هو ته ڊاڪٽر قادر مگسي يا پنهنجي ۽ پيء ماء جي ذهن ۾ انيل خوابن جي پوء واري ڪري حالتن کان منهن موڙي پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ هليو وڃي يا وطن قوم ۽ عزتن جو رکوال بنجي پنهنجي خوابن ۽ زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي ميدان ۾ بيهي ۽ پوءِ قادر مگسي شعوري طور اهو رستو اختيار ڪيو جنھن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو. عشق نانگ نپٽ خبر کاڌن کي پوي. ۽ پوءِ جڏهن به ڪو حق پرست ذهن جا سڀ ڀو ڀيلي سنڌ جي انهيءَ وقت جي تاريخ لکندو ته خبر پوندي ته قادر مگسي تاريخ جي ان وقت جي سڏ کي ڪيئن ورنايو ۽ ڪيتري قيمت ادا ڪئي. مون ڪلھ چٽائي سندس والد چاچو جيئند مگسي کي ڏٺو هڪ خالص ٻاجهارو پيء غيرتمند وڙائتو سنڌي جيڪو اڄ اسي سالن جي ڄمار ۾ به فخر وچان پورهيو ڪري پيٽ پالڻ کي ترجيح ٿو ڏئي ۽ جڏهن به هن پنهنجي پٽ قادر مگسي کي ٿي ڏٺو ته سندس چھرو ٻهڪي ٿي اٿيو ته منهنجي پٽ ڀلي منهنجا ڊاڪٽر بڻجڻ ۽ وڏو ڊاڪٽر بنجي پيري جو مالي سهارو نه بڻيو پر هن وطن ۽ قوم جي ميدان کي ملهائي مونکي جيڪو سرخرو ڪيو آهي اهو درجو تمام گهڻو مٿانهون آهي مونکي ياد آيو ته جڏهن ڊاڪٽر صاحب قومي ويڙهه جي ضرورتن خاطر روپوش ٿي ويو ۽ چاچا جيئند مگسي کي سندس عيوضي ۾ رياستي ادارن هٿان کنڀي لاڪپ ڀيڙو ڪيو ويو ۽ چاچا سائين ڊاڪٽر صاحب کي نياپو موڪليو ته مان لاڪپ ۽ جيل ڀوڳي ويندس توهان پنهنجي مقدس مشن کي جاري رکو ۽ چاچا جيئند سال سڄو ايجنسين. پوليس جيل لاڪپن جي ڀوڳنائن کي ڀوڳيو ڇا ان جي ڪا قيمت ٿي سگهي ٿي ڇا. اڄ جڏهن دوستن دشمنن ۽ جن اڄ تائين ڳل تي هڪ چماٽ به ناهي کاڌي. جيل. لاڪپ. ٽارچر جو هڪ پل به ناهي ڀوڳيو ۽ سندن مٿان ڪا ٻولي به ناهي لڳي ڊاڪٽر قادر مگسي مٿان ڪوڙين تحمتن جا نشتر وسائيندا آهن انهن کي انهن لمحن جي اذيتناڪين جو ڪو ادراڪ آهي ته هيءَ جيڪا سنڌ اڄ اڃان پنهنجي وجود سان دشمن جي مقابلي ۾ بيٺي آهي ان جي لاءِ اسان جي هنن فخر جوڳن اڳواڻن. ڪردارن. ڪارڪنن. پارٽين ڪيتريون ڀوڳنائون ڀوڳيون آهن. ڪلھ جڏهن جسم ۾ ڪلو کن پيوست ٿيل شيهي جو کڻي زندگي گهاريندڙ قادر مگسي پنهنجي والده جي قبر تي قل پڙهڻ هليو ته سندس سمورو جسم پيڙا سبب لڏيو ٿي جنهن امڙ جو هو لاڏلو پٽ هو جيڪا ماء پنهنجي ٻچي تي بارود ته ڇا ڪک به برداشت ناهي ڪندي. هيء ان امڙ جي قبر هيء جنهن ماء خواب سانڊي پٽ کي ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ ڄامشورو موڪليو ھو ۽ ان امڙ جڏهن وفات ٿي ڪئي ته سخت روپوشي سبب پنهنجي پٽ جو چهرو به پسي نه سگهي ۽ نه وري ڊاڪٽر صاحب روپوشي سبب پنهنجي ماء جو منهن ڏسي سگهيو نه ڪانڌي بنجي سگهيو نه جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري سگهيو ڇا ڪا دنيا ۾ انهن شين جي قيمت ٿي سگهي ٿي. اڄ دڦ تي بندوقون هلن ٿيون پيون بغير تصديق جي ادا ڊاڪٽر قادر مگسي ڪروڙ پتي ٿي ويو. آمريڪا شفٽ ٿي ويو ڀتاخور ۽ قبضا مافيا آهي. ڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر قادر مگسي جي معاشي. ذاتي زندگي ۾ گهرائي سان ذهن ۾ ڀريل گند ڪڍي جهاتي پاتي آهي جڏهن ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس دوستن جي جسم جي رت تي قاسم آباد اڏيو ٿي ان وقت ڊاڪٽر قادر مگسي پاڻ وٽ ڪيتريون ملڪيتون رکيون ڪراچي ۾ شانتي نگر . سچل ڳوٺ. قادر ننگر جهڙا سنڌين جا شروعات ۾ محفوظ دنگ قائم ڪيا اتي سندس ڪيتريون ملڪيتون آهن جن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڇانوَ ۾ ڊاڪٽري جون ڊگريون وٺي اڄ ڊاڪٽر قادر مگسي کان سو پيرا وڌيڪ خوشحال زندگي پيا گھارين جيڪڏھن ڊاڪٽر قادر مگسي رڳو صرف پيشور ڊاڪٽر هجي ها ته اج مان دعوا سان چوان ٿو هو اڄ جيڪا سياست کان بچيل وقت ۾ محنت مزدوري ڪري يا ڪاروبار مينيج ڪري زندگي گذاري رهيو آهي اها زندگي ان کان سو ڀيرا مالي طور مستحڪم زندگي هجي ها قدرت کيس زندگي ڊنگ سان گذارڻ ۽ ڪنهن وڏيري. ڪاموري وزير مشير جي در تي اگر حاضري ڀرڻ کان پري رکيو آهي ته اهوئي سبب سندس گناهه بڻيل آهي..
روپوشي ۾ سندس پهرين شادي ٿي ۽ انهن حالتن دوران 1986 ڌاري سندس وڏي فرزند سارنگ مگسي جو جنم ٿيو جيڪي ڏينهن جنرل ضياء خلاف سنڌ ۾ هليل 1983 ۽ 1986 واري سندس اقتدار کي چيلينج ڪرڻ واري ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي جنهن تحريڪ رياست ۽ حڪمرانن کي اهو باور ڪرايو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي جوهر ۾ ڪيڏي سگھ رکي ٿي ان لاء ضياء رجيم سنڌ جي ان ڪردار کي سزا ڏيڻ ۽ طاقت کي ٽوڙڻ لازمي سمجهي ايم ڪيو ايم جو بنياد وڌو ۽ رياستي طاقت سان سنڌ مٿان اڻ اعلانيا جنگ مڙهي جنهن جي مقابلي ۾ اڪيلو ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ صرف سندس ساٿي حالتن جي نزاڪت ۽ حڪمرانن جي چال کي سمجهندي اڪيلي سر ميدان ۾ بيٺل هيا. ان مرحلي تي ڪيترو ڊاڪٽر صاحب گهر کي ٻچن کي وقت ڏئي سگهندو هوندو ڪو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي 1990 ۾ ڊاڪٽر صاحب جي گرفتاري ٿي ۽ لڳاتار پنج سال ٽارچر سيلن بند وارڊن ۽ جيلن ۾ رهيو ان دوران اسان جي وڏي ڀاڀي نج گهريلو بلوچڪو پسمنظر رکڻ باوجود به سياسي عمل ۾ شامل ٿي وئي. سارنگ مگسي. سرواڻ مگسي ٻالڪپڻي دوران ڀاڀي جي سياسي سماجي تنظيمي سرگرمين دوران سڄي سنڌ جي ياترائن ۾ ڀاڀي سان گڏوگڏ رهندا هئا پنجن سالن جي عمر کان سارنگ کي شگر جهڙي بيماري لڳي جنهن سان جهيڙيندي هن 33 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي
سندس جنازي نماز دوران ڊاڪٽر صاحب جو ننڍو فرزند محمد سائين مگسي جڏهن ڊاڪٽر صاحب سان گڏ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي جنازي نماز ۾ شريڪ هو ته مون کيس محبت ۽ اتساهه سان گهوري ڏٺو ته مونکي شهيد بوبي سينڊز جو جيل مان مرڻ گهڙيءَ تائين ڪيل بکڙتال دوران جنهن ۾ سندس شهادت تي پنهنجي محبوبا کي لکيل خط جا جملا ياد اچي ويا جنهن ۾ هن لکيو هو اسان جي جنگ نسلن جي جنگ آهي ۽ منهنجو نسل ۽ محبت تون آهين منهنجي محبت جي ڪفاري طور وطن جي آزاديءَ تائين جنگ ۾ رهجان.. مون کي ڪلھ سمجه ۾ آيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي هر جدوجهد ۾ پنهنجي فيملي ۽ ابهم ٻارڙن سان گڏ اڳين صفن ۾ ڇو شريڪ هوندو آهي ۽ گذريل ٽن ڏينهن کان ڀاڀي سنڌو جنهن جوش ۽ جذبي سان پنهنجي انقلابي قائد ۽ محبوب ساٿي ڊاڪٽر صاحب جي غم جي لمحن ۾ گڏ جنهن جذبي سان پاڻ ملهايو پي. ان لمحي مون پنهنجي ذهن ۾ پڪ ۽ يقين جو تصور پڪو ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب کي الله پاڪ صحت ۽ وڏي زندگي عطا فرمائي هر ميدان ان لاء چيلينج ضرور آهي پر ناممڪن ناهي

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *