
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سان فوتين جو انگ هڪ لک کان وڌي ويو.
ڪورونا وبا سبب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آمريڪا ۾ وائرس جون تباهيون جاري آهن ۽ اتي فوتين جو گڏيل انگ هڪ لک 2 هزار 293 ٿي ويو آهي.
آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 17 لک 50 هزار 377 تائين پهچي چڪو آهي.
هوپڪنز يونيورسٽي جي انگن اکرن موجب سڄي دنيا ۾ ڪورونا سان متاثرن جو انگ هاڻ 57 لکن جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي فوتين جو انگ به 3 لک 50 هزارن کان وڌيڪ ٿئي ٿو.
سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ تقريبن 24 لک آهي.