آمريڪا ۾ قتل ٿيندڙ سياھ فام شخص خلاف احتجاج جاري ڪيترن شھرن ۾ ڪرفيو لاڳو

 امريڪا ۾سياه فام شخص جي قتل خلاف ستين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، وڳوڙ روڪڻ لاءِ 40 شهرن ۾ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪار هٿان سياه فام شخص جارج فلائيڊ جي قتل خلاف سوين شهري رستن تي نڪري آيا، جن نسل پرستي خلاف نعريبازي ڪئي. ڪينٽڪي ۾پوليس ۽ نيشنل گارڊز احتجاجي مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب مظاهري ۾شريڪ هڪ ڄڻو مارجي ويو. پورٽ لينڊ ۾احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ لاءِ انتظاميا طرفان مرچن جو ڦوهارو ڪري مظاهرو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ملڪ ۾وڳوڙ روڪڻ لاءِ 40 شهرن ۾ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، نيويارڪ ۾رات 11 کان صبح 5 وڳي تائين ڪرفيو لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گادي واري شهر واشنگٽن سميت 23 رياستن ۾نيشنل گارڊز مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾5 هزار کان وڌيڪ شهرين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. نسل پرستي خلاف احتجاج ڪندڙ سوين ماڻهو وائيٽ هائوس ٻاهران به پهچي ويا، جن کي منتشر ڪرڻ لاءِ آنسوگيس جي شيلنگ ڪري رٻڙ جون گوليون وسايون ويون. مظاهرين کي منشر ڪرڻ بعد ٽرمپ اهلڪارن سان گڏ پنڌ وڳوڙن سبب متاثر ٿيل چرچ تائين هلي ويو.

وڌيڪ پڙھو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

ڪراچي: اسرائيل جا غزه تي ٻئي ڏينهن به فضائي حملا جاري، 6 ٻارڙن سميت شهيد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *