آمريڪا ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ حملي جي هڪ دفعو ٻيهر مذمت ڪري ڇڏي

آمريڪا ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ حملي جي هڪ دفعو ٻيهر مذمت ڪري ڇڏي

واشنگٽن: (خميس 05 مئي 2022ع) آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ حملي جي مذمت ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته دهشتگرد حملا ڪٿي به ٿين اهي مذمت جوڳا آهن. خاص طور تي تعليمي ۽ مذهبي جڳهين تي حملا وڌيڪ مذمت جوڳا آهن. ياد رهي ته 26 اپريل تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ عورت خودڪش بمبار پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو هو جنهن ۾ ڪنفيوشس سينٽر جي سربراهه سميت 3 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني فوت جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي(بي ايل اي) ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪندي خودڪش بمبار شاري بلوچ جو وڊيو پيغام به جاري ڪيو هو. نيڊ پرائس چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان سان گڏيل تعاون جاري رهندو.
ڀارت کي مذهبي آزادي خلاف ڀڃڪڙين تي بليڪ لسٽ ڪرڻ ۽ آمريڪي ڪميشن کي مودي حڪومت تي پابندين جي مطالبي بابت آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته مذهبي آزادي جو ڪميشن ڪو حڪومتي ادارو نه آهي. پرڏيهي وزارت جو مذهبي آزادي بابت دفتر اهڙين سفارشن جو جائزو وٺي رهيو آهي.

وڌيڪ پڙھو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

ڪراچي: اسرائيل جا غزه تي ٻئي ڏينهن به فضائي حملا جاري، 6 ٻارڙن سميت شهيد …

Leave a Reply

Your email address will not be published.