آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: (اربع 11 مئي 2022ع) آمريڪا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي الزامن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس عمران خان جي الزامن کي پروپيگنڊا، غلط، ناقص ڄاڻ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو. نيڊ پرائس چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اهڙن الزامن کي پاڪستان سان لاڳاپن جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بنجڻ ڏينداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته فوري طور تي پاڪستاني اختيارين سان ڪنهن شيڊول ملاقات جي ڪابه خبر ناهي پر آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو سان گذريل هفتي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
نيڊ پرائس چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان، دهدشتگردي، واپار، ماحوليات، توانائي، صحت ۽ تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي.

وڌيڪ پڙھو

سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران سبب وزير اعظم مستعفي: ڇڪتاڻ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران سبب وزير اعظم مستعفي: ڇڪتاڻ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ بدترين معاشي بحران ۽ ايمرجنسي سبب وزير اعظم مهندا راجا پاڪسي …

Leave a Reply

Your email address will not be published.