واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي ۽ جندالله جا نالا دهشتگرد تنظيمن واري فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب آمريڪا جي اهڙي عمل کانپوءِ ان ٻنهي تنظيمن کي دهشتگرد تصور ڪيو ويندو ۽ انهن تنظيمن جا اثاثا به منجمند ڪيا ويندا.
بلوچستان لبريشن آرمي جو بنياد براهمداغ بگٽي ۽ حيريبيا مري رکيو هو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب بي ايل اي پاڪستان ۾ سول ۽ سيڪيورٽي ادارن تي حملن ۾ ملوث رهي آهي جڏهن ته ان تنظيم ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ ۽ گوادر ۾ هڪ هوٽل کي نشانو بڻايو هو.
