آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت رد ٿي وئي گرفتاري جا امڪان.

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ٻئي ڀيڻ ڀاءُ پيش ٿيا، جڏهن ته آصفه ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻن گڏ هئا. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت رڳو غيرمعمولي حالتن يا هارڊ شپ ۾ ضمانت ڏئي سگهي ٿي، هن ڪيس ۾ نه ته ڪي خاص حالتون آهن ۽ نه ئي وري هارڊشپ، اهڙا ڪي به گرائونڊز نه ٺاهيا ويا آهن. نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانه طرفان دليل مڪمل ڪرڻ بعد آصف زردار ي۽ فريال ٽالپر جي وڪيل دليل ڏنا. هُن چيو ته چالان ۾ الزام هنيو ويو آهي ته زرداري گروپ کي 3 ڪروڙ رُپيا منتقل ٿيا، اُها رقم بئنڪ ذريعي منتقل ٿي ۽ ڪابه ڳالهه ناهي لڪائي وئي، ايف آءِ آر۾ آصف زرداري کي نه جوابدار نامزد ڪيو ويو، نه ئي وري سندس ڪردار ٻڌايو ويو آهي. ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر آصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي. عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو جاري ڪندي ٻنهي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …