
اڳوڻي پاڪستان جي صدر آصف زرداري جي طبعيت خراب ٿي پئي آھي. نيب جي ذريعن موجب کيس يني ۾ دل تڪليف ٿي پئي آھي جنھن ڪري کيس روالپندي جي انسٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي منتقل ڪيو ويو آھي. آصف زرداري نيب جي حراست ۾ آھي جتي سندس بلڊ پريشر ھاءِ ٿي ويو ۽ کيس سيني ۾ تڪليف ٿي پئي . ذريعن موجب آصف زرداري جو چوڻ آھي تہ کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو وڃي جتي سندس بھتر علاج ٿي سگهي ٿو.