آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ لاءِ نئون مسودو وفاقي ڪابينا تيار ڪري ورتو

آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪيل اعتراضن جي روشني ۾ نئون مسودو تيار ڪري ڪابينا کان منظوري وٺي صدر کي ٻيهر سمري موڪلي ويندي. عدالتي ڪاروائي بعد صورتحال تي غور لاءِ وزيراعظم عمران خان خصوصي اجلاس گهرايو، جنهن ۾ سينئر ڪابينا جي ميمبرن، اٽارني جنرل، فروغ نسيم، بابر اعواڻ، قانون واري سيڪريٽري ۽ ڪجهه اهم قانوندانن کي مشاورت لاءِ گهرايو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جي ايڇ ڪيو جي جيگ برانچ جا سينئر آفيسر به شريڪ ٿيا. جنهن ۾ قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏئي سڀني وزيرن کان ان بابت راءِ وٺي پوءِ صدر کي سمري موڪلي ويندي ۽ نئين سر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو جيڪو خميس تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙھو

عمران نيازي پاڪستان جي رياست لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي: راڻا ثناءُالله

عمران نيازي پاڪستان جي رياست لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي: راڻا ثناءُالله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران نيازي پاڪستان جي رياست لاءِ خطرو …