آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين جولاءِ کان گيس اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين جولاءِ کان گيس اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مهيني ۾ 50 مڪعب ميٽر گيس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين لاءِ گيس جو اگهه 121 رپيا في يونٽ برقرار رکيو ويو جڏهن ته مهيني ۾ 100 مڪعب ميٽر گيس استعمال ڪرڻ تي في يونٽ گيس جو اگهه 127 رپين مان وڌائي 300 رپيا ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن موجب مهيني ۾ 200 مڪعب ميٽر گيس استعمال ڪندڙن لاءِ في يونٽ گيس جو اگهه 264 رپين مان وڌائي 553 رپيا ڪيو ويو آهي جڏهن ته مهيني ۾ 300 مڪعب ميٽر گيس جي استعمال تي في يونٽ 275 رپين مان وڌائي 738 رپيا ڪيو ويو.

اهڙي طرح نوٽيفڪيشن تحت مهيني ۾ 400 مڪعب ميٽر گيس استعمال ڪندڙن لاءِ في يونٽ گيس 780 رپين مان وڌائي 1107 رپيا ۽ مهيني ۾ 400 کان وڌيڪ مڪعب گيس ميٽر استعمال ڪندڙن لاءِ گيس جو اگهه 1460 رپيا برقرار رکيو ويو.

اوگرا نوٽيفڪيشن موجب ڀاڻ ڪارخانن لاءِ فيڊ گيس جي اگهه ۾ 61 سيڪڙو جڏهن ته بجلي ڪارخانن، سي اين جي ۽ جنرل انڊسٽري لاءِ سمورن شعبن ۾ گيس اگهه 31 سيڪڙو وڌايو ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

تحريڪ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي، لاهور جي لبرٽي …